اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ فو??ي سيز فائر جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ??ند?? ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فو??ي سيز فائر ۽ ح??لتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪا??ي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪر?? سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آهي.