اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان ترڪيءَ جي مذهبي معاملن جي پريزيڊنسي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر علي ايرباس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ملاقات ۾ ت??ڪيءَ جي منظم اداراجاتي تعليمي نظام جي شعبي ۾ بهترين قدمن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جا??ي ??ي??ن موجب وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ تعليمي رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم منظم ۽ اداراجاتي مذهبي تعليمي نظام جي ترڪ ماڊل کي ساراهيو ۽ ان شعبي ۾ بهترين طريقن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊاڪٽر ايرباس جي دو??ي ??ان ٻنهي ملڪن جي مذهبي ادارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي پاڪستان جي مستقل حمايت تي ترڪ حڪومت ۽ قيادت جا ٿورا مڃيا. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي گڏيل قدمن تي پاڪستان سان ترڪيءَ جي ويجهي تعاون کي پڻ ساراهيو. پروفيسر ڊاڪٽر ايرباس والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ترڪيءَ جي اصولي موقف کي ورجايو. هن پاڪستان پاران رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ کي ساراهيندي ان سلسلي ۾ ت??ڪيءَ جي تعاون جي آڇ ڪئي. هن وزيراعظم کي ترڪ قياد?? پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ترڪيءَ جي خواهش کي ورجايو.