اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان ڏکڻ آفريقا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل انعام يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو آهي. ??وئ??ٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ??وئ??ٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪندي چيو آهي ته ڊسمنڊ ٽوٽو نسل پرستي جي خلاف ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفريقا جي آزادي ۽ قومي مفاهمت ۾ سندس اهم ڪردار ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.