اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان سانحي کي ??اد ڪري قوم جو ڏک اڄ به تازو آهي، پاڪستاني قوم اي پي ايس جي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي قرباني کي سدائين ياد رکندي. اي پي ايس سانحي جي ستين ورسي جي م??قع?? تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته دل ڏاريندڙ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 7 سال گذري ويا پر ان کي ??اد ڪرڻ قوم جو ڏک اڄ به تازو آهي، اهو افسوسناڪ سانحو اڄ به اسان جي ذهنن ۾ ڪالهه وانگر تازو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد ٻارن جي عظي?? قربانين قوم کي ??ئون حوصلو ۽ عزم ڏنو آهي، هيٿاربند فوج ۽ سول سيڪيورٽي ادارن ان سانحي ۾ ملوث دهشتگردن تي ڪاري ضرب لڳائيندي کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪستاني قوم اي پي ايس جي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي قرباني کي ??يامت تائين ياد رکندي، هن چيو ته پوري قوم ۽ حڪومت شهيدن جي والدين سان گڏ بيٺل آهي، معصوم شهيدن جي لازوال قرباني رائيگان نه ويندي.