دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي. ص??ر چيو ته پا??ست??ن جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ون ونڊو آپريشنز ذريعي غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ص??ر چيو ته خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿ??رٽي تحت ون ونڊو سهولت جو مقصد غيرملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي، سهولت فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عالم?? معيار جي ڊيجيٽل ۽ بنيادي ڍانچي جي فراهمي جي لاءِ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿ??رٽي قائم ڪئي. ص??ر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿ??رٽي قائم ڪرن جو مقصد پا??ست??ن کي ٽيڪنالاجي جي دنيا جي نقشي تي آڻڻ آهي، ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري سان ملڪ ج?? معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. ص??ر چيو ته غيرملڪي ڪمپنيون مختلف شعبن خاص طور تي اي بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪن، پا??ست??ن ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ وڌائڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ موبيئس ڪيپيٽل پارٽنرز جو باني مارڪ موبيئس، انٿوني چيونگ، ڊريگن ٽيڪ وينچرز مئنيجمينٽ لميٽيڊ جو باني شامل هو. گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) جي شيخ احمد المڪتوم ۽ وچ اوڀر ۽ اوڀر آفريقا جي ماسٽر ڪارڊ جي ڊويزن صدر خالد الجبيلي پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ماسٽر ڪارڊ، گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) ۽ شورق پارٽنرز وي سي فنڊز سان گڏ پا??ست??ن جي خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿ??رٽي جي وچ ۾ ٽن مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿيون. گليڪسي ريسر پا??ست??ن ۾ سڀ کان وڏي اي اسپورٽس ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اي اسپورٽس مقابلن ۾ هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم هوندي. ماسٽر ڪارڊ پا??ست??ن ۾ ايس ٽي زيڊ اي سان اسٽريٽجڪ ڊيجيٽل ڪنٽري حصيداري تي صحيحون ڪيون، معاهدي سان ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت کي وڌائي سگهبو ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد شعبي کي ترقي ڏئي سگهبي، ماسٽر ڪارڊ پا??ست??ن جو پهريون ڪيش ليس اسپيشل ٽيڪنالاجي زون تيار ڪندو.