اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاق جي ??ار بار چوڻ جي ??اوجود سنڌ حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز نه ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا مڻ ۽ 20 ڪلو جو اٽي جو ٿيلهو 1500 روپين تائين پهچي چڪو آهي، بلاول حڪومت سنڌ جي ??وام کي مافيا جي ??حم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، عوام طرفان راءِ اچي ٿي پر اهڙي قدمن طرف ??ه وينداسين جنهن سان غير جمهوري رويو سامهون اچي، وفاق سنڌ جي ??وام کي نه پهرين اڪيلو ڇڏيو آهي ۽ نه هاڻي اڪيلو ڇڏيندو. هو بحري معاملن واري ??اص مددگار محمود مولوي ۽ سنڌ مان ايم اين اي سيف الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي معاملي ۾ عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت هر سال عوام جي ٽيڪس مان خريداري ڪئي، سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز ناهي ڪندي، هن چيو ته پنجاب ۽ خيبر??خت??نخوا ۾ سرڪاري اگهه 1950 روپين تي ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي وئي، ان سان اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، اڄ به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين جو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 13 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ جي ??وام سان دشمني جاري آهي، بلاول زرداري جي ??نڌ حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي رهي آهي، هن چيو ته 5 آڪٽوبر تي غذائي تحفظ واري وزارت سنڌ حڪومت کي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکيو پر اڃان تائين ان تي عمل ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت کي ڪو فرق نٿو پوي عوام کي ڪڻڪ، اٽي مافيا جي ??حم ڪرڻ تي ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز نه ڪرڻ جي ڪري اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا في مڻ ۽ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 14 سو کان 15 س??و روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ان جا ذميدار سنڌ حڪومت ۽ بلاول آهن، اهي وقت اگهه وٺندڙ مافياز جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. بلاول ٻڌائي آخر ڪيستائين سنڌ جي ??وام کي مافيا جي ??حم ڪرڻ تي ڇڏيندو، پنجاب جي ??بادي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جي ??اوجود سرڪاري ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي ۽ نتيجا اٽي جون قيمتون گهٽ آهن، سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته فوري طور تي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته سرڪاري ڪڻڪ ڪٿي آهي، پاڻ چوري ڪندا آهن ۽ هڻندا ڪوئن تي آهن، سنڌ جا ڪوئا به 13 ارب روپين جي ڪڻڪ کائي ويا، پيپلزپارٽي حڪومت جو چوري ڪيل پئسي مان پيٽ ڪڏهن نه ڀرجندو، هن چيو ته موجوده حڪومت ڏيڍ سال ۾ 30 ارب روپين جي ??بسڊي ڏني، هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي سڌو سنئون سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، طريقيڪار طئي ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ٽن سالن ۾ اين ايف سي جي مد ۾ 19 سئو ارب روپيا فراهم ڪيا آهن، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي استعمال ٿيا، هن چيو ته ڪراچي ٽرانسفرمشن پلان، گرين لائين بس سروس، ايئرپورٽ، نالن جي ??ي ماڊلنگ، ڪراچي فريٽ ڪوريڊور، سرڪلر ٽرين، اندروني سنڌ ترقي منصوبن تي وفاق ڪم ڪري رهيو آهي، احساس ڪيش پروگرام تحت سڀني کان وڌيڪ 66 ارب سنڌ جي ??وام ۾ ورهايا ويا، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو اسان جي ??ڪومت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته نومبر کان فيبروري وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن کي 5 کان 7 روپيا في يونٽ سبسڊي ڏيندي.