اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ب??بت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ ??طحي اجلاس ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ا??مد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ ??ملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ انفر??دي حيثيت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا ويا. ذيلي ڪميٽي جي عملدارن پاران مخالفت جي باوجود مختلف نالن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.