اسلام آباد – پهرين جون (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي، بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي تباهه نه ڪرڻ ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن ۾ 4 جوان ش??يد ۽ 8 زخمي ٿيا. وزيراعظم چيو ته هو شهيدن جي خاندانن سا?? تعزيت جو اظهار ڪري ٿو ۽ سندس دعائون ۽ همدرديون انهن سا?? آهن.