اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي وڏي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ٻڌمت جي مقدس جاين ۽ آثار جو شاندار امين آهي، عوامي رابطن ۽ مذهبي سياحت سان بطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ?? مددگار ثابت سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي ٻڌ راهبن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.