اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي انهن ادارن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس جي منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس هتي ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر جي ص??ار?? ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وزيراعظم جي واپار واري وفاقي وزير عبدالرزاق دائود، اداره جاتي واري صلاحڪار ??اڪ??ر عشرت حسين ۽ روينيو بابت خاص مددگار وقار مسعود شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن جي فورينزڪ آڊٽ جي ٽ??مز آف ريفرنس جي منظ??ري ڏني وئي. ناڻي واري سيڪريٽري اي جي پي آفيس ۽ نجي آڊٽ فرمز لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس پيش ڪندي چيو ته ان سان معيار کي يقيني بڻائيندي ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن گيپ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ بهتر ??فارشون جوڙي سگهن.