اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، س??ارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ جي لاءِ س??ور?? قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪري ڇو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي موجوده ٽئين لهر گذريل لهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حياتي کسيندڙ آهي. هن چيو ته ڪورونا کان متاثر ماڻهن ۾ بيماري جون علامتون ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳن ٿا. ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي موثر هجڻ بابت افواهن کي رد ڪندي اسد عمر چيو ته ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ڇو ته برطانوي طرز جي وائرس جي لهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آس??ني ۽ تيزي سان پکڙجي رهي آهي.