ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل مي????يم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ جي لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??يو??يم ۾ تاريخي دستاويزن کي ??حفوظ بڻائڻ جي ليبارٽري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سينٽر پڻ قائم ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل مي????يم آف پاڪستان ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر کي عجائب گهر جي صورتحال ۽ مستقبل جي اپ گريڊيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر قومي عجائب گهر کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ان کي سياحن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم کي ??رجايو ۽ چيو ته ??اڪستان جي شاندار تاريخ آهي، اهو سنڌ ۽ گنڌارا جهڙين دنيا جون عظيم تهذيبون رکندڙ آهي. صدر کي ??ڌايو ويو ته 1950ع ۾ قومي عجائب گهر قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي تاريخ کان اڳ، هڙپه، گنڌارا ۽ ٻين تهذيبن سان واڳيل 97 هزار کان وڌيڪ تاريخي دستاويزن کي ??حفوظ بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي ??يو??يم جي 10 وڏين گيلريز ۾ نمائش جي لاءِ رکيو ويو آهي.