اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان واپار جون نيون راهون کوليندو، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستا?? مسئلي جي حل لاءِ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان وحدت اسلامي افغانستان جي اڳواڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان ا??ن عمل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته افغا?? مسئلي جي ٺوس حل جي لاءِ بين ا??افغان ڳالهين واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لازمي آهي. مسلسل ٽڪراءُ سان افغان عوام بر?? طرح متاثر ٿي. اسان افغانستان سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري چاهيون ٿا.