اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چانئٺ تي ??نص??ف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي اها تبديلي آهي جنهن جو وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ ??نص??ف قوم سان واعدو ڪيو هو. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄ?? ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرائسز سينٽرز قائم ڪيا.