اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناليواري آمريڪي گلوڪاره شيئير ملاقات ڪئي. موسمياتي تبديلين وارو خاص معاون م??ڪ امين اسلم پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ان م??قعي تي وزيراعظم اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ ڪاون هاٿي جي رٽائرمينٽ ۽ ??ن کي هاٿين جي قدرتي مسڪن م??تقل ڪرڻ جي حوالي سان م??م ۾ گلوڪاره شيئير جي ڪردار کي ساراهيو.