اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انسانيت هر ڏينه?? مري رهي آهي، ڪشميرين جو آواز دٻايو پيو وڃ??، پاڪستان آواز بڻجندو. پرڏيهي وزارت ۾ ڪاري ڏينهن جي جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪند?? پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار نه آه?? پر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل انسانيت جي لاءِ هڪ آزمائشي امتحان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪشميري عوام کي بدترين نوعيت جو غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃ??.