اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گستاخانا خاڪن جي حوصلا افزائي سان اسلام ۽ اسان جي پيغمبر صه کي نشانو بڻاي?? پيو وڃي، صدر رامانوئل ميڪرون جي اسلام کي سمجهڻ کانسواءِ ??شانو بڻائڻ جي عمل يورپ ۽ سڄي دنيا جي لکين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ ليڊر جي سڃاڻپ اها آهي ته هو ماڻهن ک?? متحد ڪندو آهي. نيلسن منڊيلا ماڻهن کي ورڇ ڪرڻ بدران انهن ک?? متحد ڪيو، هي وقت آهي ته صدر رامانوئل ميڪرون وڌي?? ورڇ بدران انتهاپسندي کي روڪي.