اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شفاف توانائي جي قدمن سان ايوان ص??ر ۾ توانائي جي 50 سيڪڙو بچت ڪئي وئي، سرسبز ايوان ص??ر جي لاءِ ڀرپور وڻڪاري مهم هلائي وئي، ايوان ص??ر کي آئي ايس او 50001 جي عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ٿي وئي اهي، ايوان ص??ر دنيا جي پهرين پريزيڊنسي آه?? جنهن کي ماحول دوست سرٽيفڪيشن حاصل ٿيو آه??. ايوان ص??ر پاران ڊاڪٽر عارف علوي جي ماحول دوست قدمن تي دستاويزي فلم جاري ڪئي آه?? جنهن ۾ توانائي جي حوالي سان موثر قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آه?? ته ايوان ص??ر ۾ 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ هڪ ميگا??اٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو شمسي توانائي جو منصوبو لڳايو ويو آه??. ايوان ص??ر دنيا جي پهرين پريزيڊنسي آه?? جنهن کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جي عالمي سرٽيفڪيشن جو اعزاز حاصل ٿيو آه??. جيڪو مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ايوان ص??ر ۾ گرين پريزيڊنسي قدمن کي حاصل ڪرڻ جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪئي آه??. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ايوان ص??ر دنيا جي پهرين پريزيڊنسي آه?? جيڪا مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿي ۽ ان کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جو عالمي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آه??. صدر ايوان ص??ر جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪندي لکيو ته گرين پريزيڊنسي جا قدم ڊاڪيومينٽري ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته انهن قدمن سان سال 21 – 2019ع ۾ ايوان ص??ر ۾ توانائي جي 35 سيڪڙو بچت ٿي آه?? ۽ 2022ع تائين توانائي جي 50 سيڪڙو بچت جو ڪاٿو آه??. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان فائدو ۽ بجلي جي بچت 31 لک 54 هزار 750 ڪي ڊبليو ايڇ آه??، جنهن جي ماليت 72.5 ملين رپيا آه??. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گرين پريزيڊنسي قدمن، توانائي جي بچت ۽ شفاف توانائي جي پيداوار سان گرين هائوسز گيسز جي خارج ٿيڻ ۾ 3144 ٽن جي گهٽتائي ٿيندي. صدر وڌيڪ چيو ته ايوان ص??ر ۾ هڪ لک 42 هزار 908 وڻ پڻ لڳايا ويا آه??. هن وڌيڪ چيو ته ايوان ص??ر ۾ توانائي جي بچت ۽ وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي سلسلي ۾ موثر حڪمت عملي کي يقيني بڻايو ويو آه??. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان هڪ ميگا??اٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آه??. واضح رهي ته شمسي توانائي سان ساليانو 1.4 ملين يونٽ گرين بجلي جي پيداوار حاصل ٿيندي. ان کانسواءِ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ 1404 ٽن جي گهٽتائي سان گڏوگڏ ناڻي جي ساليانو 32.2 رپين جي بچت پڻ ٿيندي.