اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ سان سرڪاري زمين ۽ ٻيلن تي قبضي جي روڪٿام ٿيندي، قبضا گروپن کي اها ئي ٽيڪنالاجي شڪست ڏئي سگهي ٿي، ڊيجيٽلائيزيشن سان ??اڻهن کي تحفظ ملندو، شفافيت سان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون، جائيدادن تي ناجائز قبضي سان سڀ کان ??ڌيڪ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني متاثر ٿين ٿا، لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان ??ر ڪو پنهنجي ملڪيت جو رڪارڊ ڏسي سگهندو ۽ آن لائين ٽرانسفر ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪيڊسٽريل ميپنگ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي ويزن موجب زميني ن??ام کي جديد ڊيجيٽل آن لائين ن??ام ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيڊسٽريل ميپنگ جي منصوبي تحت سروي آف پ??ڪستان جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) جو استعمال ڪندي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي جديد ترين ڊيجيٽل نقشه سازي جو عمل مڪمل ڪيو آهي. سروي آف پ??ڪستان کي ڪيڊسٽريل ميپنگ جو ڪم ڏنو ??يو جنهن جو بنيادي مقصد نقشه سازي ۽ مساحت جي موجوده ن??ام کي جديد ۽ ڊيجيٽل فارميٽ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان ??نصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي روينيو رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ملڪ جي سرڪاري زمين جي ڊيجيٽل ڊيٽا تيار ڪرڻ شامل آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل جو مقصد پٽوار جي ن??ام ۾ سڌارا آڻڻ، انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ زمين رڪارڊ جي پوري ن??ام کي شفاف بڻائڻ آهي. پاڪستان ??ائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين جنرل رٽائرڊ انور علي حيدر ان ??دم جي ت??صيل بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان ??دم سان ??نصوبابندي بهتر انداز ۾ ٿي سگهندي ۽ سرڪاري زمين تي قبضو نه ڪري سگهبو، هر شهري جي پنهنجي جائيداد تائين پهچ هوندي، پهريون ڀيرو لينڊ رڪارد کي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو پيو وڃي، ان ??دم سان رڪارڊ جي تبديلي ناممڪن ٿيندي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ سروي آف پ??ڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن ان ??نصوبي کي وقت سر مڪمل ڪيو، ان ??نصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان خوف هو ته اهو مڪمل نه ٿيندو ڇو ته جن ماڻهن جا مفاد پراڻي سسٽم سان ڳنڍيل هئا اهي ان ??ان سڀ کان ??ڌيڪ فائدو کڻندا هئا جڏهن ته قبضا گروپ پڻ نه چاهيندا هئا ته اهڙي قسم جو قدم حڪومت کڻي، اسان ان ??دم جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کان چڱي ريت آگاهه آهيون. وزيراعظم چيو ته رڳو اسلام آباد ۾ 300 ارب رپيا ماليت جي زمين تي يا ته قبضو هو يا اها استعمال ۾ نه آندي وئي، ٻيلي کاتي جي هڪ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو هو. هن چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ ن??ام سان شفافيت ايندي، شفافيت نه هجڻ جي ڪري ماڻهن پئسو ٺاهيو ۽ اهي طاقتور ٿي ويا جڏهن ته ڪمزور ماڻهن تي ظلم ٿئي ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، اهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿا پر ان جي لاءِ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول بڻائڻ ضروري آهي، ان جو هڪ وڏو سبب قانون جي حڪمراني نه هجڻ آهي جتي قانون جي بالادستي هوندي آهي اتي سيڙپڪاري به ٿيندي آهي ۽ جتي انصاف هوندو آهي اتي خوشحالي ايندي آهي. هن چيو ته هي منصوبو هڪ وڏو قدم آهي ان سان اوورسيز پاڪستانين جو اعتماد به وڌندو، انهن جو وڏو مسئلو جائيدادن تي ناجائز قبضو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ م عدالتن ۾ 50 سيڪڙو ڪيس ملڪيتن تي قبضن جا آهن، پراڻي لٺا سسٽم ۾ تبديلي آسان آهي. وزيراعظم چيو ته آن لائين سسٽم سان ??اڻي پلاٽ جي ملڪيت ڏسڻ آسان ??وندي، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ اهو منصوبو نومبر تائين مڪمل ٿيندو جڏهن ته ان جي 6 مهينن کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهو سسٽم لاڳو هوندو، ان سان عام ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. وزيراعظم چيو ته شهرن ۾ زمين جون قيمتون تيزي سان ??ڌيون آهن، قبضا گروپ کي جيڪڏهن ڪا شيءَ شڪست ڏئي سگهي ٿي ت?? اها هي ٽيڪنالاجي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي حدت سان ??اڪستان ۾ موسم جي تبديلي جو سخت خطرو آهي جڏهن ته آلودگي سان دريائي پاڻي به آلوده ٿي رهيو آهي، اسان ??ڻ وڍي تباهي ڪئي، گذريل ٽن سالن کان حڪومت ٻيلا هڻي رهي آهي، ان ??نصوبي سان ان ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته سرينگر هاءِ وي ت?? ٻيلا 45 ايڪڙ مان 113 ايڪڙ تائين وڌي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت اربين رپين جي سرڪاري زمين ۽ ٻيلا قبضو ڪندڙن کان ڇڏرايا آهن، ڪيڊسٽريل ميپنگ سان ان جي نگراني ٿي سگهندي. هن چيو ته ان ??نصوبي سان ??ڌيڪ خوشي ان ??اءِ آهي ت?? اهو عام پاڪستانين جي لاءِ آهي، ان سان ??اڻهن کي تحفظ ملندو، ان جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ ان سان شفافيت ايندي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪرن سان طاقتور ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو، منصوبي سان ??لڪيتن تي ناجائز قبضن جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ وڻڪاري مهم ۽ ٻيلن جي واڍي جي روڪٿام ۾ ڪيڊسٽريل ميپنگ سان ??دد ملندي.