اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي ا??غانستان جي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه لاءِ جاري ڳالهين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف افغانستان پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها افغانستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ افغانين کي معاشي معاونت جي فراهم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مسلم امت تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ افغانستان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي ا??غانستان جي ا??در ۽ ٻاهر ڪيترين ئي ا??ن مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي موجودگي جي خطري باب?? به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي منتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت باب?? به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير کي اڄ 22 آگسٽ تي جده ۾ افغانستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ا??گزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.