اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي رانديگر هرشبل گبز تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي لاءِ د??اءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عمل نريندر مو??ي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هرشل گبز تي پابندي جي لاءِ د??اءُ وجهڻ سان ڪشمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه پهچندو پر فائد?? ئي ٿيندو. هن چيو ته پنهنجي غيرمنطقي سياسي مقصدن جي لاءِ ع??لمي رانديگرن کي روڪي هي پنهنج?? ئي نقصان ڪندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا لکين شوقين آهن، ڪرڪيٽ کي سياست کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان کي ڏسڻ چاهين ٿا.