اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مون سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳ??يو. مون سون وڻڪاري مهم 2021ع تحت ايوان صدر جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳ??يا ويندا. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳ??ئي پاڪستان کي صاف ۽ شاداب بڻائڻ ۾ پ??هن??و ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ون لڳ??ئي ڇو ته موسمياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي لاءِ وڻ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پ??هن??ي ڀرپاسي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ ۾ پ??هن??و ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول صاف رکڻ، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي ضرورت آ??ي. هن چيو ته پاڪستان جي ماحولياتي نظام کي موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خ??را درپيش آ??ن. ??در چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آ??ي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم صدر کي مون سون وڻڪاري بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳ??يا ويندا جڏهن ته 10 ارب ٽري سونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳ??يا ويندا. ملڪ امين اسلم چيو ته وڻڪاري مهم سان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.