اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ سان تيل ۽ گ??س جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گ??س جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گ??س جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عمر ايوب خا??، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.