اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئ?? آهي ته اهي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو عوام کي رليف ڏي?? جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر عوام کي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪر?? جي پڻ ترغيب ڏين ته جيئن هر طبقي کي رليف ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته زميني حقيقتن خاص طور تي معاشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهست?? آهستي نرمي ڪئي ويندي جڏهن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پيز تيار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪرائ?? جي لاءِ عوا??ي نمائندا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.