اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي ??يصلو ڪيو هو ته پاڪستان کي صنعتي قوت بڻائينداسين، ان م??صد جي لاءِ هو پاڻ ۽ سندس معاشي ٽيم هر ممڪن مدد فراهم ڪندا. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس جي حوالي سان وفد جي تجويز تي هر سومر ڏينهن کلي ڪچهري منعقد ڪري ۽ صنعتڪارن جا ??سئلا پاڻ ٻڌي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ مان چونڊيل چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائنده وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.