اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم فڪر نه ڪري پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، اي گورن??س جو بهترين ن??ام آڻي رهيا آهيون، ڊيجيٽل پاڪستان منصوبي کي ڪامياب بڻائينداسين، ان سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، ماضي ۾ پئسن جي لاءِ ٻين جون جنگيون وڙهيون ويون، اڄ جو پاڪستان امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ثالث جو ڪ??دار ادا ڪري رهيو آهي، امت کي متحد ڪنداسين. هو ڊيجيٽل ويزن پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.