اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته قانون موجب محمد نواز شريف جي واپسي جي ضمانت گهري وئي آهي، اسان هڪ بيمار شخص جي صحت تي سياست ڪرڻ جا قائل نه آهيون، شهباز شريف انا جي خ??ل مان نڪري ڀاءُ جي صحت تي ذميواراڻو رويو اختيار ڪري، سياست پوءِ به ٿيندي رهندي جڏهن ته انساني جان وڌيڪ قيم??ي آهي، م??لانا فضل الرحمان جو پلان بي به پلان اي وانگر ناڪام ۽ نامراد ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.