اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمنڊ پار پا??ستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ آئي ووٽنگ سسٽم تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر چونڊ طريقيڪار نه هجڻ سبب سمنڊ پار پا??ستاني چونڊ عمل ۾ حصو نه ٿا وٺي سگهن، ان مقصد جي لاءِ آئي ووٽنگ جو موثر ۽ فول پروف نظام جوڙيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ آئي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي?? تي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستاني ڪميونٽي مٽاسٽا جي ناڻي ذريعي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. موثر چونڊ طريقيڪار نه هجڻ سبب سمنڊ پار پا??ستاني چونڊ عمل ۾ حصو نه ٿا وٺي سگهن.