اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 م??ن جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توه??ن جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي ??دائين بهتر صحت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خ??ن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو