اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اه??ا عنصر غريب دشمن آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ضروري شين جي مناسب قيمت تي فراهمي ۽ وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن کنڊ جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ??اڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي اج??اس کي پنجاب صوبي ۾ ڪمند جي فصل، ڪرشنگ ۽ کنڊ جي موجوده اسٽاڪ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.