اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو??ون?? وبا جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪو??ون?? وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوشش??ن ڪرڻيون پونديون، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ري اسٽرڪچرنگ ڪئي وڃي، 500 ارب ڊالر جو خصوصي فنڊ قائم ڪيو وڃي، پٺتي پيل ملڪن جا قرض معاف ڪيا وڃن، عالمي مالياتي نظام جي نئين سر تعمير جي ضرورت آهي، بدعنوان سياستانن ۽ ڏوهاري ماڻهن پاران ڦريل دولت واپس ڪئي وڃي، معاشي سيڪيورٽي ۽ تڪرارن جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، پاڪستان ڪو??ون?? وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻجي لاءِ 8 ارب جو رليف پئڪيج ڏنو ۽ سمارٽ لا?? ڊائون جي ڪامياب پاليسي تي عمل ڪيو، ڪو??ون?? وائرس 15 لک ماڻهن جون جانيون کسي چڪو آهي، ويڪسين هر ڪنهن جي لاءِ ميسر هجڻ گهرجي، ڪو??ون?? وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوشش??ن ڪرڻيون پونديون، بدعنوان سياستدانن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي ڦريل دولت واپس ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪو??ون?? وبا جي اثرن جو جائزو وٺڻ ۽ معاشي نقصانن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ورچوئل اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان خصوصي اجلاس منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ تي غيروابسته تحريڪ جي چيئرمين ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جا ٿورائتا آهيون، ڪو??ون?? وبا ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڀ کان سنگين عالمي بحران آهي، ان وائرس سان اٽڪل 6 ڪروڙ 50 لک ما??هو متاثر ٿيا ۽ 15 لک جي لڳ ڀڳ ما??هو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪو??ون?? جي ويڪسين هر ڪنهن جي لاءِ ميسر هجڻ گهرجي، ڪو??ون?? وبا جي ڪري ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، 1930ع کانپوءِ ڪو??ون?? جي ڪري سڀ کان وڏي معاشي بدحالي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ان وبا سان غريب ترين ملڪ ۽ سمورن ملڪن ۾ رهندڙ غريب ما??هو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ اٽڪل 10 ڪروڙ ما??هو ڪو??ون?? جي ڪري غربت جي هيٺئين سطح تائين هليا ويندا. وزيراعظم چيو ته امير ملڪ پنهنجي معيشتن کي سنڀالڻ جي لاءِ 13 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا جڏهن ته ٻئي طرف اسرندڙ ملڪن وٽ معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ وسيلا نه آهن، اسرندڙ ملڪن ٻن کان ٽن ٽريلين ڊالر جو به بندوبست نه پيا ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان سمارٽ لا?? ڊائون جي ڪامياب پاليسي تي عمل ڪيو. هن چيو ته اسان کي نه رڳو ماڻهن کي وائرس کان بچائڻ پر انهن کي غربت سبب مرڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪوشش??ن ڪيون آهن ۽ اسان اٽڪل 8 ارب ڊالر جو رليف پئڪيج ڏنو آهي جيڪو اسان جي جي ڊي پي جو اٽڪل ٽي سيڪڙو آهي ۽ ان جو مقصد غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم رکڻ هو. هن چيو ته هاڻي اسان کي ڪو??ون?? وبا جي ٻي شديد لهر درپيش آهي جنهن جو اسان ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي پنهنجي معاشي واڌويجهه جي شرح جي بحالي ۽ ان کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ ڪو??ون?? جي مريضن جي انگ ۾ وڌندڙ اضافي جو چئلينج درپيش آهي جنهن جي ڪري اسان جي اسپتالن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيج??گ ڊائريڪٽر معاشي استحڪام جي لاءِ وڌ کان وڌ گهربل فنڊ خرچ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو پر ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام تحت بجيٽ خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.