اسلام آباد – 31 – جنوري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌا??ڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي لاءِ نامزد ??اڪ??تاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان سريلنڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا آهن. ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرسگالي جي جذبن کي مضبوط اقتصادي رابطن ۾ بدلا??ڻو پوندو. هن ??اڪ??تان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ ??اڪ??تان جو هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.