اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي ??ان سموريُون اڳڪٿيُون ۽ افواهه دم ٽوڙي چڪا آهن، 8 فيبروري 2024ع جي صبح 8 وڳي پولنگ اسٽيشنز کلنديون ۽ پاڪستان جو عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي اهتمام هيٺ سڌاراجاتي منشور جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جي حلف کڻڻ کانپوءِ مسلسل اهو ئي چئي رهيا آهيون ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ ا??ان جي ذميواري آهي، پاڪستا?? جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ جي حوالي ??ان ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي ??ان ميڊيا جي ذميواري اڳ کان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ميڊيا کي ان ڏس ۾ ذميواراڻي رپورٽنگ ڪرڻي پوندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، ٽيڪس سڌارن، صحت، تعليم ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙا مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آهن، زراعت ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو آهي پر ا?? شعبي کان ٽيڪس جي وصولي تمام گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي آئي?? جي آرٽيڪل 140 ۽ 140 اي تحت مقامي حڪومتون مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختياري هونديون، 18 هين ترميم تحت صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا پر ا??ي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي?? جي ميمبرن جو اصل ڪم قانونسازي ۽ ملڪ جي مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، دع??ائ?? ۽ واعد?? جي تڪميل سياسي پارٽين جو ڪم آهي. هن چيو ته سياسي پارٽي?? جي اندر جمهوري روي?? جي ضرورت آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ عدالتي فيصلي ??ان هڪ مثال قائم ٿيو آهي ته پارٽي?? جي اندر چونڊون ۽ جمهوري رويو هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي اندر جمهوريت نه هجي ته اها ڪهڙي طرح ملڪ ۾ جمهوريت جي دعويدار ٿي سگهي ٿي؟ نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي بنيادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي.