پشاور – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوري قوم خيبر??خت??نخواهه پوليس جي قرضي آهي جيڪا جذبي، بهادري ۽ حوصلي سان دهشتگردن جي خلاف و??هي رهي آهي. پشاور ۾ پوليس درٻار ۾ خيبر??خت??نخواهه پوليس جي اهلڪارن کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي رياست جي سلامتي لاءِ و??هي رهيا آهيو، شهيد يقينن جنت جا مستحق آهن جڏهن ته مخالف گروهه جو مقدر سدائين جي لاءِ جهنم ۾ رهڻ آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز الله جي ان واعدي ته سڌي راهه تي هلندڙن کي دشمن جو ڪو خوف ناهي هوندو، کي نظر ۾ رکندي دهشتگردن سان سدائين بي خوفي سان و??هي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته توهان جيڪا جنگ و??هي رهيا آهيو اها اخلاقي طور تي صحيح آهي ان لاءِ توهان کي پنهنجو فرض پوري يقين، حوصلي ۽ اعتماد سان ادا ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم شهيد صفوت غيور ۽ شهيد ملڪ سعد کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن کي خيبر??خت??نخواهه پوليس جو اثاثو قرار ڏنو. اي پي ايس سانحي ۾ دهشتگردن جي ظلم جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردن جي ظلم کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. هن چيو ته موت هڪ حقيقت آهي جيڪا ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي ان لاءِ ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. دهشتگردن جي هر حملي جو جواب وڌيڪ طاقت ۽ ڀرپور انداز ۾ ڏنو ويندو. شرپسندن جي شديد مذمت ڪندي نگران وزيراعظم زور ڏنو ته هو زندگي جي آخري لمحي تائين انهن جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. اهي بزدل آهن، انهن ۾ سامهون اچي وڙهڻ جي همت نه آهي ۽ سدائين پٺيان کان وار ڪن ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن، اهي همدرديءَ جا مستحق نه آهن، اهي بزدل، ظالم ۽ بي حس آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جيڪي دهشتگرد ماريا ويا انهن جا نالا ڪنهن کي معلوم نه آهن پر شهيدن جا نالا وڏي عرصي تائين ياد رکيا ويندا. هن چيو ته دهشتگردن پنهنجي مرضي سان رياست سان جنگ شروع ڪرڻ جي چونڊ ڪئي پر انجام انهن جي خواهشن موجب نه ٿيندو. هن زور ڏئي چيو ته رياست ان جنگ کي کٽيندي، ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو پر ان جو کٽڻ اسان جو مقدر آهي ڇو ته اسان سڌي رستي تي آهيون. الله تعاليٰ به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي صراط مستقيم تي هجن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي دانشمندي ۽ صحيح حڪمت عملي سان وڙهڻو پوندو. هن ملڪ ۾ دهشتگردي جي خلاف سموري ويڙهه کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم خيبر??خت??نخواهه پوليس جا مطالبا پورا ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبر??خت??نخواهه اختر حيات گنڊاپور چيو ته خيبر??خت??نخواهه ۽ بلوچستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ کان متاثر آهن. هن چيو ته خيبر??خت??نخواهه پوليس صوبي ۾ دهشتگردن سان بهادري سان و??هي رهي آهي ۽ هن ان جنگ ۾ ڪنهن به ٻئي صوبي کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته خيبر??خت??نخواهه پوليس دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ ٻين ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي دهشتگردن جي خلاف بهادري سان و??هي رهيا آهن. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان پوليس کي جديد ترين هٿيارن ۽ سهولتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ مالي مدد جو مطالبو ڪيو.