اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 کان 19 جنوري تائين سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس جو دورو ??ند??. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. عالمي اقتصادي فورم موجوده رجحانن ۽ چئلينجن، دنيا جي جوڙجڪ جي اڳڀرائي ۽ گڏيل پاليسي ردعمل کي جوڙڻ جي لاءِ حڪومتي ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن جو ساليانو ميڙ آهي. هن سال جي اجلاس جي ٿيم ”ري بلڊنگ ٽرسٽ“ آهي. ترجمان چ??و ته نگران وزيراعظم ٽن اهم موضوعن واري تقريبن ۾ شرڪت ??ند?? جن ۾ عالمي تڪرارن کي دور کي روڪڻ، عالمي نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اقتصادي ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ شامل آهي. نگران وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم ۾ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامز“ جي موضوع تي اهم خطاب به ??ند?? ۽ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتون ??ند??.