اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ تو??نا??ي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀ??ائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اليڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علوي جي قيادت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي اليڪٽرڪ مونس عبدالله علوي، چيف فنانس آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عمران قريشي شامل ??ئا. ان موقعي تي تو??نا??ي وارو نگران وفاقي وز??ر محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وز??راعظم کي ڪي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد نگران وز??راعظم جا ڪي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد تو??نا??ي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي نگران وز??راعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وز??راعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران وز??راعظم تو??نا??ي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀ??ائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.