اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي، اليڪشن ڪ??يشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪ??يشن جون چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي س??ن سيڪيورٽي سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪ??داسين. نجي ٽي وي چي??ل کي انٽرويو ڏيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? ته ??ونڊن جي تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي ڪنهن کي چونڊون منعقد ٿيڻ تي شڪ نه هجڻ گهرجي، اڳ ۾ چي?? ويو ته انهن جي نيت ۾ فتور آهي ان لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري رهيا آهن، هاڻي جڏهن ته اتفاق راءِ سان 8 فيبروري چونڊن جي تاريخ اچي وئي آهي ته ??و ابهام باقي نه آهي. هن چي?? ته ??ونڊون اليڪشن ڪ??يشن کي منعقد ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪ??يشن کي جن جن شين جي ضرورت هئي اهي پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چي?? ته اليڪشن ڪ??يشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ 42 ارب رپين جي بجيٽ گهري وئي هئي، پهرين مرحلي ۾ 10 ارب رپيا ڏنا ويا جنهن تي چي?? ويو ته 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن، اهڙي طرح ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪ??يشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا، باقي فنڊز به جڏهن اليڪشن ڪ??يشن ضرورت محسوس ڪندي ت?? فراهم ڪيا ويندا، اليڪشن ڪ??يشن کي سيڪيورٽي سميت هر طرح جو تعاون فراهم ڪنداسين. هن چي?? ته اڃا تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فراهم نه ڪري سگهون. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ افواهن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته هن وقت تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان ڪ??هن وهم يا ڪنهن ٻي سوچ ۾ مبتلا ٿي وڃُون، نه ئي ڪنهن اداري پاران اهڙي طرح جي ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چي?? ته سيڪيورٽي جون حالتون اڳ ۾ به هيون ۽ اڃا به آهن، 2008ع ۽ 2018ع ۾ اليڪشن جي وقت جون حالتون به سڀني جي س??مهون آهن. هن چي?? ته اهڙيون حالتون نه آهن جنهن جي ڪري عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته بلاول ڀٽو زرداري کان توهان پاڻ پڇندا ته ??يس ڪنهن چي?? ته صوبي ۾ وزارت اعليٰ جي اميدوار جو نالو فائنل ٿي ويو آهي، اسان جي حساب سان چئني صوبن ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان ۾ سموريون رجسٽرڊ سياسي پارٽيون آزادي س??ن حصو وٺنديون، هر سياسي پارٽي کي سياسي س??گرميون ڪرڻ جي اجازت آهي، بلاول ڀٽو اڳ ۾ به سياسي س??گرميون ڪ??دو رهيو آهي ۽ هاڻي به ڪندو رهندو، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، جنهن جي جتي مرضي هجي پنهنجون سياسي س??گرميون ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته بلاول ڀٽو زرداري کي اطلاع هوندو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ وڃي رهيو آهي، اسان کي ته ??و اهڙو اطلاع نه آهي. هن چي?? ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو ان جو فيصلو ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪندا.