اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي ??ذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??حافظن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ??لڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي ??هم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ??يرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي ??انون کي استعمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ??يت??ين ئي ملڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي ??حافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزعمل ۽ اهڙي قسم جي ??حشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد جي ??اءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڪشمير مسئلي جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.