اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ مسجدن کي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ استعمال ??ري سگهجي ٿو، عالم ??هم سماجي موضوعن تي اسلامي تعليم بابت ماڻهن کي تعليم ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو معاشرتي ۽ سماجي ترقي ۾ منبر ۽ محراب جي ڪردار جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي انيق احمد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن وارن وزيرن، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن وارن ادارن جي سيڪريٽريز ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري ش??ڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماڻهن جي اخلاقي تربيت، اسلامي معاشري جي جوڙجڪ ۾ مبر ۽ محراب جو اهم ڪردار آهي، مسجدون مقامي آبادي کي تعليم ڏيڻ، رابطي جو اهم ذريعو آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر 27 ملين ٻارن کي تعليم ڏيڻ تمام وڏو چئلينج آهي، اسڪولن کان ٻاهر 27 ملين ٻارن جي تعليم جي لاءِ هزارين اسڪول گهربل هوندا، سڄي ملڪ ۾ 2.5 لک کان وڌيڪ مسجدن کي ش??ح خواندگي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ??ري سگهجي ٿو، فجر ۽ ظهر جي وچ ۾ مسجدن ۾ ٻارن کي مذهبي تعليم، جديد هنر ۽ تعليم سان ليس ??ري سگهجي ٿو، مسجدون اسلامي اخلاقي قدرن جي فروغ، ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ??ري سگهن ٿيون. هن چيو ته عالم، خطيب ۽ مدرسا معاشرتي اصلاح، غيبت، عدم برداشت، فيڪ ن??وز جهڙين سماجي براين جي خاتمي لاءِ ڪم ڪن، وڌندڙ آبادي، عورتن جي حقن، بين المذاهب هم آهنگي، رواداري جو فروغ اهم سماجي معاملا آهن، منبر ۽ محراب ۽ عالمن ڪورونا وبا دوران آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو، عال?? بيمارين، غذائي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري سميت مختلف موضوعن تي آگاهي پيدا ??ري سگهن ٿا، مسجدن ۾ مذهبي، تعليمي ۽ سماجي سرگرمين سان مقامي آبادي سان رابطو وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اهم قومي ۽ سماجي موضوعن تي تعليم ڏيڻ ۾ عالمن جي ڪردار جي حوالي سان تجويزون پڻ پيش ڪيون.