اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ انٽرميڊيئٽ (پارٽ ون ۽ ٽو) جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پارٽ ٽو ۾ ڪاميابي جي شرح 83.86 سيڪڙو ۽ پارٽ ون ۾ ڪاميابي جي شرح 61.82 سيڪڙو رهي. وفاقي تعليمي بورڊ طرفان نتيجا جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص ??همان هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نتيجن جو اعلان ڪيو. نتيجن موجب انٽرميڊيئٽ پارٽ ٽو ميڊيڪل گروپ ۾ ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حاصل ڪيون. پري ميڊيڪل ۾ پهرين پوزيشن پنجاب ڪاليج ايڇ اليون جي ايشل شاهه ن??ر فاطمه 1075 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ٻي پوزيشن حانيه عثمان 1072 مارڪون ??ڻي ماڻي، ??ن جو تعلق آرمي پ??لڪ اسڪول همايون روڊ سان آهي جڏهن ته ٽين پوزيشن ردا ملڪ 1066 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ??ن جو تعلق آرمي پ??لڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ سان آهي. جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ پهريون ٻئي پوزيشنون آرمي پ??لڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ جي شاگردياڻين عشبا فاطمه 1969 مارڪون ??ڻي پهرين پوزيشن ۽ عائشه ظفر 1059 مارڪون ??ڻي ٻي پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آرمي پ??لڪ اسڪول چڪلالا ڪينٽ جي زويا احمد 1954 مارڪون ??ڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.