اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ باصلاحيت نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاليسي فريم ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته نوجوان ملڪ جو مستقب?? آهن، آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا هوشيار نوجوان دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد پيشيواراڻي سيڙپڪاري ۽ نيشنل انوويشن ايوارڊز (قومي اختراعي ايوارڊز) جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته هن مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل مصنوعات کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، نوجوانن زراعت جي ترقي جي لاءِ ڊرونز ٺاهيا آهن، ڪيلي جي ڇلڪي کي پڻ استعمال ۾ آڻي مصنوعات ٺاهيون آهن، ان کانسواءِ پاڪ فوج کي اوزارن جي فراهمي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، نوجوانن جي قابليت کي ماضي ۾ استعمال ۾ آندو وڃي ها ته تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ٿين ها، نوجوانن پنهنجي قابليت ۽ هنر جي بنياد تي ايوارڊ کٽيا آهن، ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود هنر سکيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي، اسان کي ڏورانهن علائقن ۾ موجود ڳُجهي ٽيلينٽ کي ڳولڻ ۽ انهن کي تربيت ڏيڻي آهي، آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته نوجوان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. وزيراعظم ??يو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي 10، 15 سال اڳ نکاريو وڃي ها ته انهن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهجيو پئي، 10 – 2009ع ۾ اسان لاهور ۾ ارفع ٽاور ۾ پهريون انڪوبيشن سينٽر قائم ڪيو ۽ پهرين آءِ ٽي يونيورسٽي ٺاهي، قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ 5 نه 50 ارب رپيا گڏ ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم ??يو ته اسان کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آهن پر ان جي باوجود اسان بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ وڏا فنڊز رکيا آهن. وزيراعظم ??يو ته ملڪ جي چئني ڪنڊن ۾ اسان جو ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي ان مان فائدو کڻڻو آهي، حڪ??مت جو فرض آهي ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ نوجوانن جي تربيت، صلاحيت ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ جيترا به وسيلا فراهم ڪري سگهي ٿي، ڪري، انڊومنٽ فنڊ جي آمدني سان نوجوانن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، نوجوانن جي حوصلا افزائي، تربيت ۽ رهنمائي جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي جيڪا نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ ڪم ڪري، ان جي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهڙو پاليسي فريم ورڪ ٺاهيو وڃي جنهن کي ڪابينا مان منظور ڪرايو ويندو ۽ عبوري حڪ??مت تي لازمي هوندو ته اها ان تي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم جاري رکي ۽ پوءِ اڳتي جيڪا به حڪ??مت اچي اها ان حوالي سان نوجوانن جي صلاحيتون نکارڻ جي پاليسي کي اڳتي وڌائي ۽ انهن کي هر قس?? جون سهولتون فراهم ڪري. وزيراعظم ??يو ته جيڪڏهن اسان ايندڙ 5، 7 سالن ۾ نوجوانن کي وسيلا فراهم ڪيا ته اهي اربين ڊالر ملڪ جي لاءِ ڪمائي ايندا. وزيراعظم ??يو ته نوجوان ملڪ جو مستقب?? آهن، فيصلو ڪريو ته فري لانسرز جي لاءِ وينچر ڪيپيٽل، توانائيون ۽ ڀرپور وسيلا فراهم ڪيا ويندا. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ماين الحق ??يو ته ڊيجيٽل پاڪستان وزيراعظم جو ويزن آهي، فري لانسرز جي مدد ۽ حمايت ڪئي ويندي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رابطي کي بهتر بڻايو ويندو. هن ??يو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون صارفين جو انگ 19 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن جو انگ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه ??يو ته آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پروگرام جو مقصد نوجوانن جي آئيڊياز کي متعارف ڪرائي قابل عمل بڻائڻ آهي، انڊوومنٽ فنڊ به موجوده حڪ??مت جو هڪ تمام وڏو ڪارنامو آهي، ڪوشش آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ به نجي سيڙپڪاري اچي، نوجوانن جي ملڪي ۽ عالمي سطح تي حوصلا افزائي ڪئي ويندي رهندي، حڪ??متي قدمن سان مستقبل ۾ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي. ان کان اڳ وزيراعظم مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسٽالز تي موجود نمائنده وزيراعظم کي پنهنجي مصنوعات بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم باصلاحيت نوجوانن جي مهارت تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن تاڙيون وڄائي نوشڪي جي هوشيار شاگردياڻي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ??يو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ به اسان جو لڪل ٽيلينٽ موجود آهي ۽ ٽيلينٽ بابت ڄاڻي منهنجي دل تمام گهڻي خوش ٿي آهي. وزيراعظم 10 ڪامياب نوجوانن ۾ نيشنل انوويشن ايوارڊز ورهايا.