اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ??ارق فضل چوڌري جي جوان پٽ ??ي حادثاتي موت جي ناقابل بيان ڏک جي ه?? گهڙيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ??ارق فضل چوڌري جي جوان پٽ ??ي ڪ??ر حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي ڏک ٿيو آهي. والدين جي لاءِ ٻارن کي وڃائڻ کان وڌيڪ دل کي ڌوڏيندڙ ڪا شيءَ ناهي ه??ندي. ناقابل بيان ڏک جي ه?? گهڙيءَ ۾ منهنجي دل چوڌري طارق فضل ۽ سندس سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الل?? پاڪ مرحوم جي روح کي سڪون ڏي.