اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلع?? شانگلا ۾ مٽي جي ڇپ هيٺان ??ٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلع?? شانگلا ۾ مٽيءَ جي ڇپ ۾ دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن ??ر فوت ٿيندڙ ٻار جي گهرڀاتين جي لاءِ 10 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڇپ ڪرڻ سان ??خمي ٿيندڙ شخص کي به وزيراعظم پاران مالي امداد ڏني ويندي. وزيراعظم مالي امداد جو اعلان پنهنجي صلاحڪار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر انجنيئر امير مقام جي درخواست تي ڪيو. انجنيئر امير مقام وزيراعظم کي خط لکي مارتنگ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي امداد جي اپيل ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف انجنيئر امير مقام کي متاثر خاندانن ??ان ملاقات ڪري تعزيت ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.