باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينجز کي منهن ??يڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف آذربائيجان ج?? ٻن ڏينهن ج?? سرڪاري دوري دوران آذربائيجان ج?? صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي جنهن ??انپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته گوادر جي ذريعي ويجهي ملڪن سان واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون، اسان آذربائيجان کي پاڪستاني چانور جي برآمد ۾ اضافو چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته آذربائيجان ج?? قومي ايئرلائين اسلام آباد جي لاءِ اڏام شروع ڪري رهي آهي. هن ??يو ته آذربائيجان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، روس يوڪرين تڪرار جي ڪري عالمي سطح تي شين ج?? قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ??يڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته هو آذربائيجان ج?? دورو ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته هو آذربائيجان ج?? صدر جي ويزن کان تمام گهڻو متاثر آهي، آذربائيجان سان لاڳاپن ج?? فروغ کي اهم سمجهون ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪستان ج?? وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم جو شڪار آهي. هن ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي آذربائيجان پاران سدائين پاڪستان ج?? موقف جي تائيد کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف آذربائيجان ج?? صدر کي پاڪستان ج?? دوري جي دعوت پڻ ڏني. آذربائيجان ج?? صدر الهام عليوف چيو ته ملاقات ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي تي اتفاق ٿيو آهي. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ تعليم، دف??ع ۽ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون ج?? فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻنهي ملڪن ج?? عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آذربائيجان ج?? صدر وزيراعظم محمد شهباز ??ريف جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته دف??عي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۾ اضافو ڪيو ويندو.