ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خان انهن ادارن جي ڪا??ڪردگي، معذورن جي ڀلائي ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل ق??من بابت ??ڌايو. ثمينه عارف علوي ووڪيشنل سينٽر ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪومت پاران انهن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي ق??من کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ماڻهن ۽ يتيمن ۽ بيواهن کي معاشري جو ڪا??ائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ويلفيئر کاتو اهڙي طرح معذور ?? لاچار ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن ۽ بيواهن سان ملي ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪيا.