اسلام آباد – 31 – مئي (??ي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ گڏ??ل قومن جي تعاون سان گڏ??ل قومن جي امن مشن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شاندار تقريب منعقد ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب تقريب ۾ سفارتي ڪور ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب جي خاص مهمان هئي. ان موقعي تي ٻه بحث سيشن ٿيا جن ۾ گڏ??ل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اثرن ۽ فوج ۾ سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ سفارتي برا??ري پاڪستان جي 8 امن فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪ??و جن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا ۽ انهن کي گڏ??ل قومن جي امن فوج جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيد ٿيڻ کانپوءِ اعزاز سان نوازيو ويو آهي.