اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ?? سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جو??ن جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنهنجي بيان ?? چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي ملڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن ??ا محافظ ۽ قوم جا هيرو آهن قوم انهن هيروز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مون کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آهي. پرڏيهي وزير خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو ??بر??ناڪ انجام ٿيندو.