اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي طورخم ويجهو ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ رستي جي جلد کا?? جلد بحالي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لينڊ سلائيڊنگ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪئي ۽ پونئيرن س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دع?? ڪئي.