اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن کي سخت محنت ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ ا??طار آجياڻي کي خطاب ڪندي انهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي اندر همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو احترام ڪرڻ جون خصوصيتون پيدا ڪن. هن ??يو ته قرآن پاڪ ۾ ا??له ت??ال??ٰ يتيم ٻارن سان بهتر سلوڪ جو حڪم ڏنو آهي. هن ??يو ته سخت محنت عملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راهون کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چيو ته حضور ﷺ به ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو هو. هن هڪ قرآني آيت جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ ٻاروتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي يتيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا هن توهان کي يتيم سم??هي پناهه ناهي ڏني. ان موقعي تي صدر ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن ??ي ٻڌايو ته ايوان صدر اصل ۾ ا??هن جو آهي. ان کان اڳ پاڪستان آرف??ز ڪيئر فورم جي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 15 رمضان المبارڪ کي يتيمن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن ??يو ته 18 جي لڳ ڀڳ فلاحي تنظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻارن کي پرورش ۾ معاونت جي لاءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو ۽ انهن ??ي پنهنجي زندگين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.