ڪراچي – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي تا??ي رجح??ن ۽ اڳڀرائي سان هم آهنگ رهڻ لاءِ تيز تر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون تع??يم ۽ تربيت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائين، يونيورسٽيون خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اعليٰ معيار ۽ هنرمند گريجوئيٽس تيار ڪن، يونيورسٽيون آن لائين ۽ هائبرڊ جي ذريعي تع??يم جي مدد سان وڌيڪ انگ ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي انساني وسيلن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو پاڪستان ايئر فورس ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي 22 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ، اعليٰ تع??يمي ادارن ۾ داخلائن ج?? شرح کي بهتر بڻائڻو پوندو. پاڪستان ۾ رڳو 9 ??يڪ??و شاگرد ايف ايس سي کانپوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا. پاڪستان ۾ هر سال آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ رڳو 35 هزار گريجوئيٽس پيدا ڪري ٿو، رڳو 35 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي آهن. هن چيو ته پاڪستان کي باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ گريجوئيٽس جي انگ ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. يونيورسٽيون پنهنجي فزيڪل انفراسٽرڪچر کي موثر طريقي سان استعمال ڪن. وڌيڪ شفٽون متعارف ڪرائين. يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تع??يم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جي 52 ??يڪ??و سائبر سيڪيورٽي ماهرن وٽ ڪا ڊگري نه آهي. آن لائين تع??يم جي ذريعي پاڻ کي هنر سان آراسته ڪريو. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي مهارتن جي واڌويجهه جي لاءِ هڪ آن لائين پروگرام ڊيجي اسڪلز متعارف ڪرايو. ڊيجي اسڪلز پروگرام سان هيستائين 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 70 هزار شاگرد ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪن ٿا، سيٽن جي گهٽتائي ۽ محدود وسيلن جي ڪري رڳو 8 هزار شاگرد ئي اعليٰ تع??يمي ادارن ۾ داخلا وٺي سگهندا آهن.